ٽوليارو  ڪروانڪ   ڦليارو

ٽوليارو ڪروانڪ ڦليارو

ٽوليارو ڪروانڪ ڦليارو

ٽوليارو ، ڪُرُوانڪ ، ڦُليارو Stone Curlew / Burhinus oedicnemus: چاليهه سينٽي ميٽر ( 16 انچ ) جسامت واري هن پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا . ان جي پٺي سرمائي ناسي ٿئي ، جنهن تي گهري رنگ جا لينگها هوندا آهن . هن جي پيٽ جو رنگ ڪجهه هلڪو هوندو اٿس . پرن تي ڪيمو فلاج لاءِ اڇي افقي ليڪ ٿيندي آهي . ڪُروانڪ پکيءَ جون اکيون وڏيون ۽ هيڊيون ٿينديون آهن ، جن جي مدد سان اهو رات جو ڏسي سگهندو آهي . ان جون ٽنگون به مضبوط ٿين ٿيون ، جن جي مدد سان کيس خشڪ زمين تي خوراڪ ڳولڻ ۾ مدد ملي ٿي . جيتوڻيڪ هي ساحلي پکي آهي ، پر اهو خشڪ يا پٿريلن علائقن ۾ به ملندو آهي . ڏينهن جي وقت ۾ اهو لڪل رهندو آهي ۽ خطري وقت اڏامڻ بدران ڊوڙ ڀريندو آهي .
ٽوليارو سج لٿي مهل يا رات جو سرگرم ٿيندو آهي ۽ آبي جيوت جو شڪار ڪندو آهي . هي پکي رات جو هڪٻئي کي پرشور آواز ڏئي گڏ ٿيندا آهن . هن پکيءَ جو آکيرو بلڪل سادو ٿئي . هي زمين تي پٿراڙين ۾ پيرن جي کرڙين ۽ جسم جي زور سان کڏو ٺاهي ويهندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو